اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ سومر ڏينهن 5 آڪٽوبر کان ڪويت جو دورو ڪندو ۽ ڪويت جي مرحوم امير شيخ صباح الاحمد الجابر الصباح جي ل??ڏاڻي تي تعزيت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب دوري دوران صدر ڪويت جي نئين امير شيخ نواف الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ڪندو ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت ۽ دلي همدردي جو پيغام پهچائيندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڪويت جي مرحوم امير جي قيادت ۾ ٻ??رفن ويجهن لاڳاپن کي سگهه ملي ۽ ٻطرفو تعاون نئين بلندي تي پهتو. ڪويت جي مرحوم امير شيخ صباح الاحمد الجابر الصباح پاڪستان جو هڪ مخلص ۽ آزمايل دوست هو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ قابل قدر ڪردار ادا ڪيو. ٻطرفي تعاون جي ڏس ۾ س??دس ڪوششن ۽ علائقائي ا??ن ۽ استحڪام جي ل??ءِ س??دس خدمتن کي دير تائين رکيو ويندو.