اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير چوڌري فوا?? حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ امن نه رڳو طالبان پر پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ تاجڪ صدر امام علي رحمانوف طالبان ۽ تاجڪن کي ويجهو آڻڻ ?? پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، تاجڪستان جي صدر کي سڄي دنيا ۾ تاجڪ احترام ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، نئين افغان حڪومت ۾ تاجڪن کي شامل ڪرڻ ??ي ڪوشش ڪئي ويندي. افغانستان جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفا??ي وزير چوڌري فوا?? حسين چيو ته تاجڪستان جي صدر وزيراعظم عمران خان سان ملاقات دوران ٻنهي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ?? گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. طالبان سان ڳالهين جو اعلان تاريخي قدم آهي. هن چيو ته طالبان جي لاءِ انهن گروپن کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ آسان نه آهي جيڪ?? انهن سان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وڙهي رهيا آهن. اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته افعانستان جي مسئلن جو پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ انهن ٻنهي ڌڙن کي گڏ ملائڻ ضروري آهي. چوڌري فوا?? حسين چيو ته خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سماجي ۽ اقتصادي بحالي اهم عنصر آهي، تاجڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم عمران خان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي جي لاءِ گڏ??ي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.