اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آئي يو جي) جي نئي?? چونڊيل صدر شڪيل احمد، جنرل سيڪريٽري صديق انظر ?? ٻين عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته نو?? چونڊيل عهديدارن جي چونڊ انهن جي قائداڻي صلاحيتن تي صحافي برادري جي اعتماد جو ثبوت آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي بينادي ۽ جمهوري حق تي ڪامل يقين رکي ٿي، آزاد، فعال ۽ متحرڪ ميڊيا جمهوريت جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ لاءِ اڻٽر آهي، وفاقي وزير اميد ظاهر ڪئي ته آر آئي يو جي جا نوا?? چونڊيل عهديدار صحافي برادري جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.