اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب مريم صفدر کي چئلينج ڪيو آهي ته جيڪڏهن اها سمجهي ٿي ته ان جي خلاف ڪيسز ڪوڙ تي ٻڌل آهن ته اها فوري طور تي عدالت کان روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي جي درخواست ڪري، ٽن سالن کان مريم سزائن جي خلاف پنهنجي اپيلن ۾ التوا جي پويان لڪي ره?? آهي، شر??ف فيملي جو شيوو آهي ته جڏهن انهن جو احتساب ٿي ره??و هجي يا ڪا جاچ ٿئي ته اهي بيمار ٿي پوندا آهن، سزائن جي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ۾ مريم صفدر التوا لاءِ ڪا نئين شر کڻي ايندي آهي، انهي جي ڪري اپيلن تي ٻڌڻي اڳتي نه وڌي ره?? آهي، نواز شر??ف به ڀڳوڙو بڻجي لنڊن عياشي جي زندگي گذاري ره??و آهي، پاڪستان جي عوام جو مطالبو آهي ته پاڪستاني دولت ڦري ٻاهرئين ملڪن ۾ جائيدادون ٺاهڻ، مني لانڊرنگ ڪندڙن جا ڪيسز جلد منطقي انجام تائين پهچايا وڃن. هو صحافين سان ڳالهائي ره??و هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته جولاءِ 2018ع کان نواز شر??ف ۽ مريم صفدر جي سزائن جي خلاف اپيلون هاءِ ڪورٽ ۾ هلي ره??ون آهن پر مريم اپيلن تي ميرٽ تي شنوائي ٿيڻ نه ڏئي ره?? آهي. اڳ ۾ چوندي هئي ته اپيلن تي فيصلو نه ٿي ره??و آهي جڏهن عدالت ۾ باقاعده پيشي شر??ع ٿي آهي ته 10 ڀيرا ان پاران التوا ورتو ويو، وڪيل کي به ڪورونا ٿي وڃي ٿو ته ڪڏهن چيلهه ۾ سوُر. اڄ ان وڪيل ڇڏڻ جي ڳالهه ڪري ڇڏي آهي ۽ نئين پٽيشن داخل ڪرڻ جي لاءِ هڪ مهيني جو وقت گهريو آهي. التوا جي پويان لڪڻ (ن) ليگ جي قيادت جو شيوو آهي، اهي سدائين ڪوشش ڪندا آهن ته انهن جي ڪيسن ۾ التوا ٿئي، شهباز شر??ف جي ٽي ٽيز جو ڪيس، حديبيه ڪيس ۾ به ائين ئي التوا وٺندا ره??ا آهن. شر??ف فيملي کان جڏهن احتساب جو سوال ٿيو ته اهي سڀ بيمار ٿي پون ٿا. اڄ ته ان جو وڪيل به بيمار ٿي پيو آهي. هن چيو ته امجد پرويز گذريل هفتي ٻڌڻي کان هڪ ڏينهن اڳ نيب عدالت ۾ پيش ٿيو پر اپيلن ۾ پيش ٿيڻ کان قاصر آهن. ڪرپشن ڪيس ۾ مريم صفدر کي 7 سال سزا، 2 ملين پائونڊ ڏنڊ، چئن فليٽس جي بينيفشل اونر ثابت ٿي. هن چيو ته سزائن جي خلاف پنهنجي داخل ڪيل اپيلن تي هاڻي فيصلو ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن هن چوري ناهي ڪئي ته عدالت روزاني جي بنياد تي ان جي ٻڌڻي ڪري. نيب عدالت کي ته ثبوت پيش نه ڪري سگهيا، اميد آهي ته هاڻي نئون قطري خط نه کڻي ايندي. هن چيو ته وزارت عظميٰ جي اميدوار جي ڳالهه ڪندڙ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو پاڻ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جو مقابلو آهي، ش تي م حاوي ٿي چڪي آهي، پاڻ ۾ ويڙهه تمام وڏي ڪنفيوزن آهي، قيادت جو فيصلو ٽاس تي ٿيندو ره??دو. اڄ جي ڏينهن ڪنهن کي قيادت ڪرڻي آهي، احتساب جو عمل پهريون ڀيرو شر??ع ٿيو آهي، اڳ ۾ ته هڪ ٻئي سان مڪ مڪا ڪري وٺندا هئا. هن چيو ته سزا يافته ماڻهو ضمانتن تي آهن، روزانو ڀاشن ڏين ٿا ته انهن جي اپيلن جا فيصلا ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته سياهه چهرا قوم جي سامهون اچي ويا آهن. احتساب جي عمل کان ڀڄڻ نه ڏينداسين، انهن کي قانون جي تابع آڻينداسين.