اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ برطانيه جي پرڏيهي وزيرن ٻه طرفن ناتن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزير شاهه ??حمود قريشي ۽ برطانوي پرڏيهي وزير ڊومينڪ راب وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. ڳالهين ۾ افغانستان بابت خاص نمائندي سفير محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمد، اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير برطانوي پرڏيهي وزير کي وفد سميت پرڏيهي وزارت آمد تي سندن آجيان ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي شاهه ??حمود قريشي چيو ته توهان جو هي دؤرو اهڙي تاريخي وقت تي ٿي رهيو آهي جڏهن افغانستان جي صورتحال اهم تاريخي موڙ تان گُذري رهي آهي. هن چيو ته 16 آگسٽ ۽ 27 آگسٽ تي به توهان سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو هو. اسان افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي غور ويچار ڪيو هو. وزيراعظم عمران خان ۽ برطانيه جو وزيراعظم بورس جانسن وچ ۾ پڻ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو ۽ افغانستان جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پرڏيهي وزير برطانوي هم منصب کي مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيل تازن رابطن کان به آگاهه ڪيو. هن چيو ته افغانستان جي حوالي سان لڳايل سمورا اندازا ۽ اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون، اطمينان جوڳي ڳالهه اها آهي ته افغانستان ۾ هاڻوڪي تبديليءَ دوران رتوڇاڻ ناهي ٿي. مخدوم شاهه ??حمود قريشي چيو ته طالبان قيادت طرفان معام معافيءَ جو اعلان، حقن جو تحفظ ۽ افغان ڌرتيءَ کي ڪنهن جي خلاف استعمال نه ٿيڻ جو يقين ڏيارڻ حوصلو ڏيندڙ آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ 40 سالن کان جاري جنگ جو خاتمو هڪ سونهري ۽ تاريخي موقعو آهي. عالمي برادريءَ کي 90ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيل غلطين مان سبق سِکندي افغانستان جي انساني ۽ مالي معاونت کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڳيان وڌڻ گهرجي. شاهه ??حمود قريشي چيو ته افغانستا?? کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته گهرو ويڙهه، معاشي بحران، پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته اسان ان نازڪ موقعي تي امن مخالف قوتن ”اسپائيلرز“ تي به ڪڙي نظر رکون ٿا جيڪي افغانستان ۾ امن جي ڪوشش?? کي تباهه ڪرڻ لاءِ متحرڪ آهن. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ اجتماعيت واري سياسي حل جو حامي آهي، افغانستان ۾ امن پوري خطي جي امن ۽ استحڪام ۽ رابط?? کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ضروري آهي. افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ ۾ خطي جي پاڙيسري ملڪن جو دؤرو ڪيو. شاهه ??حمود قريشي چيو ته منهنجي تاجڪستان، ازبڪستان، ترڪمانستان ۽ ايران جي قيادت سان ٿيل ملاقاتون حوصلو ڏيندڙ ۽ نفعي بخش رهيون. پاڪستان 24 ملڪن جي سفارتي عملي، شهرين ۽ عالمي ادارن جي اهلڪار?? کي ڪابل مان سندن ملڪ آڻڻ ۾ معاونت فراهم ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه افغانستان جي موجوده صورتحال تي لڳاتار رابطي ۾ آهن. برطانوي پرڏيهي وزير ڪابل مان برطانوي شهرين ۽ سفارتي عملي کي افغانستان مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ معاونت تي پرڏيهي وزير شاهه ??حمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا. برطانيه طرفان پاڪستا?? کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي فيصلي تي ڳڻتي آهي، اسا?? کي اميد آهي ته برطانيه انگن اکر?? کي سامهون رکندي پاڪستا?? کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪندو.