اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان سمورن ا??غا?? گروپن جي نمائندگي رکندڙ ٺوس سياسي حل جي لاءِ پرعزم آهي جيڪو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي ۽ عالمي برادري ۽ سمورين ا??غا?? ڌرين سان گڏجي ٺوس سياسي حل جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو جيڪو ا??غا??ستان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي لاءِ طلب ڪيو ويو هو. اجلاس ۾ سينيئر ڪابينا ميمبرن ۽ سروسز چيفس شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن کي ا??غا??ستان ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ان جي پاڪستان ۽ خطي تي ممڪن اثرن تي بريفنگ ڏني و??ي. خطي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. قومي سلامتي ڪميٽي نوٽ ڪيو ته پاڪستان ا??غا??ستان ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل جاري تڪرارن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي تنهن ڪري هو خطي ۾ امن ۽ اس??حڪ??م جو خواهشمند آهي. اجلاس ۾ ان ڳ??لهه تي زور ڏنو ويو ته عالمي برادري پاڪستان جي چار ڏهاڪن کان ڏني ويندڙ قربانين جو اعتراف ڪري. شرڪت ڪندڙن ان عزم کي و??جايو ته پاڪستان ا??غا??ستان ۾ سمورن ا??غا?? گروپن جي نمائندگي رکندڙ ٺوس سياسي حل جي لاءِ پرعزم آهي جيڪو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. اجلاس ۾ ان ڳ??لهه کي به ورجايو ويو ته پاڪستان عالمي برادري ۽ سمورين ا??غا?? ڌرين سان گڏجي ٺوس سياسي حل ۾ سهولت جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. ان ڳ??لهه تي زور ڏنو ويو ته ا??غا??ستان ۾ عدم مداخلت جي اصول تي سختي سان قائم رهڻ گهرجي. ڪميٽي ان ڳ??لهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته هيستائين تشدد جي ڪنهن وڏي و??قعي کي ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ ا??غا??ستان ۾ سمورين ڌرين تي زور ڏنو ويو ته قانون جي عملداري جو احترام ڪيو وڃي، سمورن ا??غا??ين جي بنيادي انساني حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ ان ڳ??لهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ڪا به دهشتگرد تنظيم يا گروهه ا??غا?? سرزمين کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ڪري سگهي. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ا??غا??ستان مان نڪرڻ جي خواهشمند سمورن پاڪستانين، سفارتڪارن، صحافين ۽ عالمي تنظيمن کي و??پس آڻڻ جي لاءِ سمورين ممڪن سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم ان ڏس ۾ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ رياستي مشينري جي جاري ڪوششن کي ساراهيو. ڪميٽي پاڪستان جي موقف کي و??جايو ته ا??غا??ستان ۾ تڪرار جو ڪڏهن به ڪو فوجي حل نه هو، تڪرار کي ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ جو بهترين وقت اهو ٿي سگهيو پئي جڏهن آمريڪا ۽ نيٽو جي فوج ڀرپور عسڪري طاقت سان ا??غا??ستان ۾ موجود هئي. ا??غا??ستان ۾ پرڏيهي فوج جي وڌيڪ ڊگهي عرصي تائين موجودگي سان به ڪي مختلف نتيجا نه نڪرن ها تنهن ڪري بائيڊن انتظاميا پاران فوج جي و??پسي جي حوالي سان گذريل آمريڪي انتظاميا جي فيصلي جي توثيق حقيقت ۾ ان تڪرار جو منطقي حل آهي. ڪميٽي چيو ته عالمي برادري جي لاءِ هي وقت آهي ته اها ا??غا??ستان ۾ پائيدار امن، سيڪيورٽي ۽ ا??غا??ستان ۽ خطي جي ترقي جي ٺوس سياسي حل کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪري.