اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ سياحتي ماڳن جي فروغ ۽ تعمير ۽ ترقي لاءِ حڪمت عملي ۽ من??وب??بندي جي فوري آغاز جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ مختلف قسم جي سياحت جي فروغ سان معاشي عمل ۾ تيزي ايندي ۽ مقامي آبادين جي لاءِ نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا به ميسر ايندا. ان حوالي سان سرڪاري ملڪيتي عمارتن کي مثبت انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ به کنيل قدمن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ سياحت جي فروغ لاءِ کنيل قدمن ??ي حوالي سان اعليٰ سطحي جائزي اجلاس جي ??دا??ت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ بحري معاملن واري وزير سيد علي حيدر زيدي، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، خاص مددگار ??يف??يننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، سيد ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار آصف محمود، ??وب??ئي چيف سيڪريٽريز ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.