اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اقليتن جو قومي ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتي برادري اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنه??جي ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته اقليتن جو قومي ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وفاقي وزير چي?? ته اقليتن جي فلاح ۽ ڀلائي کانسواءِ مديني جي رياست جو خواب اڌورو رهندو. هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت ان خواب کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.