اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي جا پراڻا مسئلا ان وقت تائين حل نه ٿا ٿي سگهن جيستائين ڪراچي جي ??وا?? جي چونڊيل مقامي حڪومت جا نمائندا آئين جي روح موجب مالي، سياسي ۽ انتظامي طور تي خودمختيار نه ٿين. وفاقي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 140 اي تي ان جي روح موجب مڪمل عملدرآمد جي حا??ي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب هن اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته آرٽيڪل 140 اي تحت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ داخل پٽيشن جي جل?? ٻڌڻي ۽ فيصلي جي لاءِ اعليٰ عدليه کي فوري طور تي درخواست ڪئي وڃي.