اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ مقرر اف??انستان جي سفير شڪر الله عاطف مشال ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، خطي ۾ امن جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب اسپيڪر اف??ان سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ اف??انستان جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، ثقافت ۽ پاڙيسري جي مضبوط بنيادن تي هموار آ??ن، سرحد جي ٻنهي طرف عوام جي وچ ۾ محبت ۽ گڏيل احترام جو رشتو ڏٺو ويندو آهي، اسپيڪر چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال اف??انستان ڏسڻ جو خواهشمند آهي، پرامن مستحڪم ۽ خوشحال اف??انستان خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ اڻٽر آ??ي، پاڪستان خطي ۾ عالمي پارٽنرز سان گڏجي اف??انستان ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پارلياماني سفارتڪاري جي ذ??يعي پاڪستان ۽ اف??انستان جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پاڪ اف??ان واپار سبب ٻنهي ملڪن کي فائدا حاصل ٿيندا.