اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 10 هون قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ جوڙي ڇڏيو آهي. نا??ي واري وزارت ۾ قائم اين ايف سي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل ??وٽيفڪيشن موجب صدر 1973ع ج?? آئين جي آرٽيڪل (1) 160 تحت 23 اپريل 2020ع کان 10 هون قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ جوڙي ڇڏيو آهي. وزيراعظم جو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ اين ايف سي ايوارڊ جو چيئرمين هوندو، سنڌ جو نا??ي وارو وزير، پنجاب جو نا??ي وارو وزير، بلوچستان جو نا??ي وارو وزير، خيبرپختونخواهه جو نا??ي وارو وزير ڪميشن جا ميمبر هوندا، ٻين ميمبرن ۾ وزيراعظم جو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارو صلاحڪار، طارق باجوه (پنجاب)، ڊاڪٽر اسد سعيد (سنڌ حڪومت)، مش??ف رسول (خيبرپختونخواهه حڪومت)، جاويد جبار (بلوچستان حڪومت) شامل آهن، نا??ي وارو وفاقي سيڪريٽري اين ايف سي جو سرڪاري ماهر (آفيشل ايڪسپرٽ) هوندو.