اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ميڊيا کي طاقتور ادارو بڻائڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ 72 سا??ن کانپوءِ ”قومي ميڊيا پاليسي“ آڻي رهيا آهيون، پاليسي صرف اشتهارن تائين محدود نه پر ??يڊيا جي سمورن شعبن جي حقن جي ضامن، جذبن، احساسن ۽ ضرورتن جي عڪاسي ڪندي، ميڊيا سا?? گڏجي ميڊيا انڊسٽري کي مسئلن مان ڪڍي هڪ اهڙو روڊ ميپ ڏئي رهيا آهيون جنهن ۾ حقيقتن ۽ فرضن جي وچ ۾ توازن قائم ٿ??ند??، ميڊيا ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ سچ لکي، هروڀرو الزام تراشي سا?? وقتي شهرت ته ملندي آهي پر عوام جي عدالت ۾ حقيقي شڪست ٿ??ند?? آهي، رياست ۽ ص??اف?? ٻئي گڏوگڏ هلي رهيا آهن، حڪومت ان ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هو مقامي هوٽل ۾ صحافي حنيف خالد جي ڪتاب ”اڌ صدي جو ص??اف??ي سفر“ جي رونمائي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.