اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مني گرام ڪمپني جي چيف ايگزيڪيٽو ۽ چيئرمين وليم اليگزنڊر هولمز جي قيادت ۾ وفد وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ۽ واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ملاقات ۾ موجود هئا، مني گرام انٽرنيشنل ان ڪارپوريشن رقم جي پهچ ۽ عالمي طو?? تي تسليم ٿيل آمريڪي ڪمپني آهي جيڪا 200 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ساڍا 3 لک جي لڳ ڀڳ اي??نٽ هنڌن تي پنهنجون خد??تو?? فراهم ڪري رهي آهي.