اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ تحريڪ انصاف جي منشور جو بنيادي حصو آهي، چونڊ سڌارن جي عمل ۾ مخالف ڌر کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي لاءِ سڄي ٽيڪنالاجي مڪمل آهي، انشاءُ الله 2023ع جون عام چونڊون ان نئي?? ميڪنزم تحت ٿينديون جيڪو پي ٽي آءِ جي حڪومت اليڪشن ڪميشن ۽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو، ريلوي حادثو انتهائي افسوسناڪ آهي، سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، ماضي ۾ ريلوي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري نه ٿيڻ جي ڪري ٽريڪ خراب حالت ۾ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي اليڪشن ڪميشن جي ٻاهرا?? ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار داڪٽر بابر اعواڻ، احتساب وارو صلاحڪار شهزاد اڪبر به موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير ريل حادثي جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته 7 جون جي صبح ڏهرڪي ۽ ريتي جي مقام تي ملت ايڪس??ري?? جون بوگيون پٽڙي تان لهڻ کانپوءِ ملت ايڪس??ري?? ۽ سر سيد ا??ڪس??ري?? جي وچ ۾ ٽڪر ٿيو، هن ٻڌايو ته 3 لڳي 43 منٽن تي سکر ڪنٽرول روم کي اطلاع مليو ته ملت ايڪس??ري?? ڄاڻايل هنڌ تي ڊي ريل ٿي وئي آهي، ان کانپوءِ سر سيد ا??ڪس??ري?? به انهي وقت 3 لڳي 38 منٽن تي متاثر بوگين سان ٽڪرائجي وئي، هن چيو ته حادثي جي نتيجي ۾ ملت ايڪس??ري?? جو 6 بوگيون ڊي ريل ٿيون ۽ 5 بوگيون ڪلٽي ٿيون، سر سيد ا??ڪس??ري?? جون 2 بوگيون ڊي ريل ٿيون ۽ 3 بوگيون ڪلٽي ٿيون، هن چيو ته ڊي ايس، ڊپٽي ڊي ايس، ڊي سي او، ڊي ايم اي ۽ اي ٽي او حادثي وا??ي جاءِ تي پهچي ويا هئا، ريلوي واري وفاقي وزير خصوصي جهاز جي ذريعي صبح نائين وڳي حادثي وا??ي جاءِ تي پهتو، 31 ماڻهو حادثي ۾ فوت ٿيا ۽ سئو کان وڌيڪ زخمي آهن، هن چيو ته سڄي قوم متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.