اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان آ??رب??ئيجان جي سفير پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب آ??رب??ئيجان جي سفير علي آليزاده سينيٽ چيئرمين سان سندس پڦي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي، ملاقات دوران ٻطرفي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ ڪورونا وبا ??ي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به بحث ٿيو، سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ آ??رب??ئيجان جي وچ ۾ واپاري تعاون کي وڌيڪ فروغ ??يڻ جي سخت ضرورت آهي، معاشي تعاون سان ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ سيڙپڪارن کي ويجهو آڻڻ جو موقعو ملندو، گڏيل لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن جو فروغ نهايت ضروري آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ آ??رب??ئيجان سدائين هڪ ٻئي جي موقف جي ڀرپور حمايت ??ئي آهي. ناگورنو، ڪاراباخ ۽ ڪ??مير مسئلي تي ٻنهي جو تعاون ويجهي لاڳاپن جو ثبوت آهي.