اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪوورنا وائرس ايس او پيز کي نظر انداز ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قد??ن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي ۾ اجلاس منعقد ٿيو. اين سي او سي مان جاري تفصيلن موجب اجلاس ۾ ڪ??رو??ا جي حوالي سان صحت جي مختلف رهنما اصولن تي عملدرآمد کان آگاهه ڪيو ويو جيڪي سمورن صوبن کي جاري ڪيا ويا آهن. اين سي او سي کي آگاهه ڪيو ويو ته انهن هدايتن تي عملدرآمد لاءِ جامع جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي. اين سي او سي ڪ??رو??ا وائرس جي وڌندڙ رجحان ۽ موت جي شرح تي سخت ڳڻتي ظاه?? ڪئي. فورم کي ٻڌايو ويو ته بيماري ۾ تيزي سان وڌندڙ رجحان نظر اچي رهي آهي ۽ ڪ??رو??ا جي مثبت ڪيسن جو تناسب 7.5 سيڪڙو کي عبور ڪر?? چڪو آهي، تقريبن وڏن شهرن ۾ مثب ڪيسز جو تناسب 5 سيڪڙي کي عبور ڪر?? چڪو آهي، صوبائي انتظاميه کان ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد لاءِ فوري قدم کڻڻ جو چيو ويو آهي. عوام پاران ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي سخت ڳڻتي ظاه?? ڪئي وئي. ايس او پيز جي وڏي پئماني تي خلاف ورزي، ماسڪ نه پائڻ، معاشرتي فاصلي کي نظر انداز ڪرڻ سميت حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرڻ جا وڏي پئماني تي اطلاع ملي رهيا آهن.