اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عمران خان جو سدائين کان موقف رهيو آهي ته سينيٽ چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، اليڪٽورل ووٽ جي امين ماڻهن کي عوام جو ووٽ غلط استعمال نه ڪرڻ گهرجي، ا??ان ڪيئن هڪ قانون کي گهربل شخص کي پاسپورٽ ڏئي مدد ڪري سگهون ٿا، ائين نه ٿو ٿي سگهي ا??ان سهولتڪار بڻجون ۽ نواز شريف ڪٿي ٻئي هنڌ هليو وڃي. هو صحافين ??ان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سينيٽ چونڊن بابت ميڊيا حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن چيو ته ماضي جي حڪومتن سياست ۾ پئسي جي ڪلچر کي عام ڪيو، ا??ان جو واضح موقف آهي ته پئسي جي سياست ختم ڪري اهليت ۽ ميرٽ کي فروغ ڏنو وڃي. هن چيو ته سينيٽ چونڊن جي لاءِ اميدوارن جي حتمي فهرست اڄ شا?? تائين مڪمل ٿي ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته مريم نواز مڃي ورتو ته پي ڊي ايم جو مستقبل اونداهي ۾ آهي، مريم نواز ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي انهن کي اهڙيون بيماريون ڇو ٿيون لڳن جن جو پاڪستان ۾ علاج ممڪن نه آهي. هن چيو ته مريم نواز اهڙي قسم جي بيانن ??ان ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي راهه هموار ڪري رهي آهي، حڪومت پاران مريم نواز کي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي اجازت قطعي طور نه ڏني ويندي.