اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 62 فوتگيون ٿيون جنهن مان 40 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا هڪ هزار 72 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آي?? ۽ 62 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 54 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 8 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 37 سيڪڙو، لاهور ۾ 33 سيڪڙو، پشاور 24 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، ملتان ۾ 32 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 21 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 23 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 31 هزار 713 ٽيسٽ ڪيا ويا جن م??ن سنڌ ۾ 9 هزار 599، پنجاب ۾ 11 هزار 273، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 10، اسلام آباد ۾ 4 هزار 428، بلوچستان ۾ 611، گلگت بلتستان ۾ 361، آزاد ڪشمير ۾ 431 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوو??ڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 14 هزار 951 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوو??ڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوو??ڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوو??ڊ 19 جا 256 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوو??ڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 30 هزار 512 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 57 هزار 591 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 291، بلوچستان ۾ 18 هزار 891، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 920، اسلام آباد ۾ 42 هزار 188، خيبرپختونخواهه ۾ 68 هزار 786، پنجاب ۾ 1 لک 61 هزار 757 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 51 هزار 758 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوو??ڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 12 هزار 128 آهي جن م??ن سنڌ ۾ 4 هزار 157 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 مريض اسپتالن ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 4 هزار 948 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 25 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 4 مريض گهرن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 970 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 481 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. بلوچستان ۾ 197 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. گلگت بلتستان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 273 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 82 لک 88 هزار 91 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوو??ڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 168 مريض علاج هيٺ آهن.