اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي 2020ع ??ي دوران ڪورونا جي صورتحال جي باوجود گڏيل اجلاسن سميت 123 ڏينهن ڪم ڪيو ۽ ان دوران 58 سرڪاري بل ۽ 14 آرڊيننس پيش ڪيا جڏهن ته 31 سرڪاري بل منظور ٿيا، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب پهرين جنوري 2020ع کان 31 ڊسمبر 2020ع ??ائين قومي اسيمبلي جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته صرف موثر ??ان??نسازي ۽ پارليامينٽ جي نگراني ئي ملڪ کي درپيش سڀني معاشي ۽ سماجي مسئلن کي حل ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته دنيا ۾ ڪووڊ – 19 جي وبائي مرض جي ڪري سامهون ايندڙ سنگين چئلينجن جي باوجود 2020ع ۾ قومي اسيمبلي جي ڪارڪردگي ذڪر جوڳي رهي، هن چيو ته موجوده حڪومت پارليامينٽ جي بالادستي تي يقيني رکي ٿي ۽ عوامي ن??ائنده هجڻ جي حيثيت سان پارليامينٽ جا ميمبر موثر ??ان??نسازي جي ذريعي عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪري سگهن ٿا، اسپيڪر ان خواهش جو اظهار ڪيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻئي عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪن. اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب 2020ع ??ي سال ۾ ڪووڊ – 19 وبائي مرض سڄي دنيا ۾ زندگي جي معاملن کي بري طرح متاثر ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي، ڪووڊ -19 جي ڪري درپيش چئلينجن جي باوجود قومي اسيمبلي ثابت قدمي سان قوم سان ڪلهو ڪلهي ۾ملائي بيٺل رهي ۽ ملڪ ۾ معاشرتي ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجو پاڻ فعال ڪردار ادا ڪندي رهي، ايوان قومي ا??ميت جي معاملن ۽ التوا وارين رٿن جي ذريعي بحث ۽ ميمبرن پاران پڇيل سوالن ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ذريعي سماجي ۽ اقتصادي معاملن تي ڌيان ڏنو، سال 2020ع ??وران ايوان جي ??ان??نسازي جي شعبي ۾ ايوان جي ڪارڪردگي ذڪر جوڳي رهي.