گڏيل قومون – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت حياتياتي اوسر جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جهنگلي جيوت جي حفاظت لاءِ مقامي آبادي جو تعاون حاصل آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي ان لاءِ حڪومت بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ جو آغاز ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن ۾ حياتياتي اوسر بابت پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي حوالي ??ان بايوڊائيورسٽي ليڊر ورچوئل سمٽ کي خطاب ڪندي وز??راعظم پاڪستان عمران خان بائيو ڊائيورسٽي ليڊر سمٽ جو اهتمام ڪرڻ تي گڏيل قومن ??ان ٿورن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو شمار انهن خوش قسمت ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي اتر کان ڏکڻ ۽ اوڀر کان اولهه تائين متنوع آهي، پاڪستان ۾ 12 موسمياتي زونز آهن، ان جو سبب اهو آهي ته ا??ان وٽ لاهين وارا علائقا موجود آهي، پاڪستان جي اتر ۾ بلند ترين جابلو سلسلو واقعي آهي جڏهن ته ??ني?? جي ٻي بلند ترين چوٽي ڪي ٽو هتي واقع آهي، ان کانسوا??ِ هتي 2 هزار ڪلوميٽر تي ٻڌل ساحلي پٽي به موجود آهي.