لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ لاهور جي لاءِ تمام اهم منصوبو آهي، اهو منصوبو لاهور جي آلودگي کي گهٽ ڪرڻ ۽ مستقبل جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، منصوبو مقرر مدي ۽ لاڳت ۾ مڪمل ڪيو ??ڃي?? ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ ۾ مقامي افرادي قوت ۽ وسيل کي استعمال ۾ آندو ??ڃي?? سيڙپڪارن کي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ ٺوس پلان جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ ۽ تعميرات بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، حماد اظهر، وزيراعظم جي صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر، نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جي صوبائي وزير ميان محمود الرشيد، صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، پنجاب جي چيف سيڪريٽري، ايل ڊي اي جي وائيس چيئرمين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وڊيو لنڪ ذريعي خاص معاون ملڪ امين اسلم، ايف بي آر چيئرمين، هائوسنگ، منصوبابندي، توانائي، پيٽروليم، قانون وارن وفاقي سيڪريٽرين، سي ڊي اي چيئرمين پڻ شرڪت ڪئي. خيبرپختونخواهه، سنڌ، بلوچستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽرين عوامي سهولت جي لاءِ قائم ڪيل ون ونڊو آن لائن پ??رٽل جاري ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان پ??رٽ جاري ڪرڻ سان ڪو به خواهشمند شهري ڪو به تعميراتي منصوبو ش??وع ڪرڻ جي لاءِ آن لائن در??وا??ت ڏئي سگهندو. ان پ??رٽل سان انساني مداخلت گهٽ کان گهٽ ٿيندي ۽ هر موقعي تي در??وا??ت ۾ اڳڀرائي جي خبر پئجي سگهندي. وڌيڪ اهو ته ان پ??رٽل سان لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي متعين ڪرڻ جو موقعو به ملندو. وزيراعظم سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه پاران آن لائن پ??رٽل جاري ڪرڻ کي ساراهيو.