اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چي?? آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي فروغ لاءِ بلدياتي ادارن جي مضبوطي ضروري آهي، بلدياتي ادارا عوام کي بنيادي سهولتن ۽ فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪري سگهن ٿا. ملڪ جي آبادي جو هڪ وڏو حصو ٻهراڙي جي عل??ئقن ۾ رهندڙ آهي ان لاءِ ملڪي ترقي لاءِ ضروري آهي ته ٻهراڙي جي عل??ئقن جي ترقي لاءِ خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي بلديا??ي ۽ ٻهراڙي جي ترقي بابت خاص مدد??ار ڪامران خان بنگش سان ٿيندڙ پنهنجي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.