اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده انصاف جي نظام ۾ موجود جهول کي ختم ڪرڻ ۽ عوام جي آسان، سستي ۽ فوري انصاف تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور جو بنيادي نقطو آهي، قان??ن واري وزير، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ۽ اٽارني جنرل تي مشتمل جوڙيل ڪميٽي عوام جي اميدن موجب قانو??ي سڌارن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ روڊ ميپ جوڙيندي جنهن جي روشني ۾ ايندڙ هفتي وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عوام کي انصاف جي آسان ۽ فوري فراهمي جي لاءِ ڪيل قانو??ي سڌارن جي حوالي س??ن جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قان??ن واري وزير بئريسٽر فروغ نسيم، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر ظهير الدين بابر اعواڻ، اٽارني جنرل خالد جاويد خان، قان??ن واري پارلياما??ي سيڪريٽري ملائيڪا علي بخاري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.