اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون جي ڪري ننڍي ۽ وچين درجي جي ڪاروبار کي مدد فر??هم ڪرڻ تي تفصيلي غور ??يو ويو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر سميت عالمي بئنڪ ۽ ناڻي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌ??يو ويو ته اهو پئڪيج اهڙين صنعتن جي لاءِ آهي جيڪي گهٽ ۾ گهٽ 5 ماڻهن ۽ وڌ کان وڌ 30 ماڻهن کي روزگار ڏئي رهيون آهن.