اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي اڳواڻن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ عالمي مالياتي ادارن جي سربراهن کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کي قرضن ۾ رليف فراهم ڪن. عالمي برادري کي پنهنج?? خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا جي صورتحال سان پوري دنيا متاثر ٿي آهي پر ت??قي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ ان حوالي سان جدا ردعمل آيو آهي، ترقي يافته ملڪن وٽ وسيلن ۽ پئسي جي کوٽ نه آهي ۽ اهي وڏي ر??م خرچ ڪري صورتحال جو مقابلو ڪري ر??يا آهن پر اسرندڙ ملڪن ۾ لاڪ ڊائون ۽ معاشي سرگرميون نه ٿيڻ سان عوام کي بک ۽ سخ?? معاشي مسئلا درپيش آهن.