بي??نگ – 17 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي قيادت گڏيل ??ئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق ڪالهه اڱاري ڏينهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس چيني هم منصب شي جن پنگ جي وچ ۾ گريٽ هال بي??نگ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. ڳالهه ٻولهه دوران پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي سمورن رخن کي بحث هيٺ آندو ويو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمتي ياداشتن تي پڻ ص??يحون ڪيون ويون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي وارو وزير اسد عمر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. چين جي صدر شي جن پنگ چيو ته مشڪل وقت ۾ چين جي دوري تي ٿورائتا آهيون.