اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت قانون ۽ آئين جي دائري اندر امڪاني آزادي مارچ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪا س??ري?? ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلن سان مشروط هوندي. ان حوالي سان فيصلو حڪومت جي ڳالهين واري ٽيم جي سربراهه دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ جي قيادت ?? وزيراعظم عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ڪيو ويو.