اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پوليو جي ??اتمي جي 2 سالا ايمرجنسي ايڪشن پلان جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي پوليو وائرس جو خاتمو ڪرڻو آهي، عالمي برادري کي پوليو جي ??اتمي ۾ افغانستان جي ??ه مدد ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پنهنجي ??دارت هيٺ پوليو جي ??اتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي ??جلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم پوليو جي ??اتمي جي موثر قدمن تي صوبائي صحت جي کاتن ۽ ضلعي انتظاميه کي خراج تحسين پيش ڪندي عالمي حصيدارن جو مالي ۽ ٽيڪنيڪي امداد تي ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته سردي جي موسم ۾ پوليو جي پکيڙ جي ??رح گهٽ ٿيندي آهي ۽ ٻارن جي ??يمونائزيشن لاءِ اهو ئي موذون ترين وقت هوندو آهي. اسان سڀني کي گڏجي پوليو وائرس جو خاتمو ڪرڻو آهي. هن چ??و ته عالمي برادري کي پوليو جي ??اتمي ۾ افغانستان جي ??ه مدد ڪرڻ گهرجي ??ه جيئن هنگامي صورتحال کان بچي سگهجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻارن جي ٻين ايمونائزيشن پروگرامز کي به پوليو جي ??اتمي جي مهم سان گڏ هلايو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ڪوريج حاصل ڪري ??گهجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ پنج سالن جي لا3 798.6 ملين ڊالر جو پي سي ون منظوري ??ي لاءِ تيار آهي جنهن ۾ عالمي ادارن ۽ حڪومت پاڪستان جي مالي مدد شامل آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سال 2020ع ۾ پوليو جا 84 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته گذريل 10 مهينن ۾ ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو جيڪا پاڪستان جي پوليو جي ??اتمي جي ??والي سان وڏي ڪاميابي آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ پوليو وائرس افغان پناهگيرن جي ??ريعي داخل ٿيندو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان کي 36 مهينن جو عرصو بنا ڪنهن پوليو ڪيس جي ??پورٽ ٿيڻ جي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ورلڊ هليٿ آرگنائيزيشن پاران ”پوليو فري“ سرٽيفڪيٽ حاصل ٿي ويندو، انجنيئر ان چ??ف پاڪستان آرمي اجلاس کي پوليو تيمن کي فراهم ڪيل سيڪيورٽي جي ??والي سان آگاهه ڪيو، عالمي ادارن جي نمائندن پوليو جي ??اتمي واري مهم جي موثر قيادت تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ مڪمل تعاون جي ??زم جو اظهار ڪيو. عالمي ادارن جي نمائندن جو حڪومت پاڪستان جي پوليو جي ??اتمي وارن قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو، ٽاسڪ فورس جي ??جلاس ۾ خاص مددگار فيصل سلطان، خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان، پنجاب جي وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخوا جي وڏو وزير محمود خان، گلگت بلتستان جي وڏو وزير خالد خورشيد، بلوچستان جي ??حت واري وزير سيد احسن شاهه، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، انجنيئر ان چ??ف پاڪستان آرمي ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز، سمورن چ??ف سيڪريٽرين، بليو ايڇ او، يونيسيف سي ڊي سي، گاوي، بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ روٽري ??نٽرنيشنل جي ??عليٰ عملدارن ۽ سينئر سرڪاري ??فيسرن شرڪت ڪئي.