ڊيووس – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته گڏيل خوشحالي جو مقصد رکندڙ ”هڪ خطو هڪ رستو“ منصوبو ڪي??رن ئي ملڪن، خطن ۽ تهذيبن کي ڳنڍيندي اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو، سي پيڪ منصوبي تحت پاڪستان ۾ مواصلات، بنيادي ڍانچي، توانائي جي وڏن منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، منصوبي سان علائقائي واپار کي هٿي ملن??ي ۽ خطي جي عوام هڪ ٻئي جي ويجهو ايندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار 48 هين عالمي اقتصادي فورم ۾ ”هڪ خطو، هڪ رستو جي اثرن“ جي موضوع تي پينل مباحثي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. پينل ۾ ٻين مقررين ۾ ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جو صدر جن لي چن، مئنيجنگ ڊائريڪٽر سائي چن گلوبل لي چن، رشين ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ فنڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪي??ل دمتري آف، چائنا ??يش??ل مشينري انڊسٽريل ڪارپوريشن جو چيئرمين رين هانگ بن، سنگاپور جو وزير ??ان چن سنگ ۽ اي اي سي او جو چيئرمين مائيڪل ايس برڪ شامل هئا.