اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان ??مه??ريه ڪانگو جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف، ليفٽيننٽ جنرل اسڪابوي اسيندافال پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات جي دوران سفارتي، سياسي، اقتصادي، علائقائي ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزسير چيو ته براعظم آفريقه ۾ ??مه??ريه ڪانگو کي هڪ اهم ملڪ جي حيثيت حا??ل آهي، پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني قيادت پاران ??مه??ريه ڪانگو جي صدر ۽ آفريقي يونين جي چيئرپرسن فيلڪس انتوان شيسڪيدي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ آفريقي يونين لاءِ سندس قيادت ۽ خدمتن کي ساراهيو ۽ ڪانگو ۾ پرامن ??مه??ري حڪومت جي منتقلي تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير ??مه??ريه ڪانگو جي پرڏيهي وزير ڪرسٽوف آپالا لاءِ پاڪستان جي دوري جي دعوت جو پيغام ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، سفارتي حوالي سان ”انگيج آفريقه“ جي پاليسي تي گامزن آهي، پاڪستان علائقائي امن جي حوالي سان ڪانگو جي ڪردار جو معترف آهي، ڌرين جي وچ ۾ دفاع، تربيت، سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل قومن جي مشن تحت ??مه??ريه ڪانگو ۾ قيام امن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهيون، ??مه??ريه ڪانگو جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل اسڪابوي اسيندافال ڪانگو ۾ مقرر گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پاڪستاني فورسز جي خدمتن کي ساراهيو.