اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??عو??ي عرب ۽ پاڪستان جي وچ م گڏيل عقيدي تي ٻڌل سياسي، معاشي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم آهن، عالمي سطح تي انهن لاڳاپن کي اهم حيثيت حاصل آهي، ??عو??ي عرب ۽ اسان جا لاڳاپا پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ 1940ع کان قائم ٿيڻ شروع ٿيا ۽ 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ انهن لاڳاپن نئين سگهه اختيار ڪرڻ شروع ڪيو، شاهه سلمان ريليف فنڊ جي ذريعي ??لا??ي ڪم ساراهه جوڳا آهن، انٽر ريليف پراجيڪٽ سان غريب طبقو فا??دو کڻندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??عو??ي سفارتخاني ۾ ڪنگ سلمان هيومنٽرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر پاران ونٽر ريليف پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??عو??ي عرب هر مشڪل ??هڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي، 2005ع جي زلزلي ۾ ??عو??ي عرب 10 ملين ڊالر جو عطيو ڪيو، 09 – 2008ع ۾ ٻوڏ دوران ??عو??ي عرب پاران 170 ملين ڊالر ۽ 2014ع ۾ اڪنامڪ ريليف جي لاءِ 1.5 ملين ڊالر جو ريليف پئڪج ڏنو ويو، 1960ع کان ??عو??ي عرب پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڊونر ملڪ آهي. ??عو??ي عرب 38 ملين ڊالر ڊيزاسٽر ريليف جي لاءِ فراهم ڪيا، هائوسنگ منصوبي جي لاءِ 55 ملين ڊالر، اسڪولن جي لاءِ 5 ملين ڊالر، مسجدن جي لاءِ 13 ملين ڊالر جا عطيا ڏنا. هن ٻڌايو ته ??عو??ي عرب پاران پاڪستان ۾ 11271 گهر تعمير ڪيا ويا، 9800 ماڻهو ان منصوبي مان فا??دو کڻي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب جا لاڳاپا ڏهاڪا پراڻا آهن ۽ وقت سان گڏوگڏ اهي لاڳاپا نئين سگهه اختيار ڪري رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو هر شهري ??عو??ي عرب کي قدر جي نگاه?? سان ڏسي ٿو. هن چيو ته ڪنگ سلمان هيومنٽرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر پاران شروع ڪيل ونٽر ريليف پراجيڪٽ سان بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي پٺتي پيل علائقن جا مستحقين فا??دو کڻندا. واضح رهي ته ڪنگ سلمان هيومنٽرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر پاران ونٽر ريليف پراجيڪٽ شروع ڪئي وئي آهي جنهن تحت 29 هزار ڪٽس پٺتي پيل علائقن جي عوام ۾ ورهايون وينديون. ان پراجيڪٽ سان 2 لک 90 هزار غريب ماڻهو فا??دو کڻندا.