اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل پهچي ويو. ڪابل ايئرپورٽ تي افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي، افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير منصور احمد خان ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي سينئر عملد??رن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. وزيراعظم جي افغانستان بابت خاص نمائندو محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، ڪامرس سيڪريٽري ص??لح احمد فاروقي، پي آءِ اي ??يئ??مين ايئر مارشل (ر) ارشد ملڪ، نادرا ??يئ??مين طارق ملڪ، ڪسٽمز، ايف بي آر ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي هڪ ڏينهن جي دوري دوران افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند، پرڏيهي وزير امير خان متقي ۽ ٻي قيادت سان ملاقات ڪندو، انهن ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن، گڏيل دلچسپي جي شعبن خاص طور تي واپار ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي مختلف طريقن تي غور ويچار ڪيو ويند??. پ??ڏيهي وزير ٻين افغاني اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو ۽ افغان اڳواڻن کي افغانستان ۾ امن ۽ امان جي قيام ۽ آئنده جي لائحه عمل جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو.