اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته پاناما، پيراڊائيز ۽ هاڻي پينڊورا پيپرز ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته لُٽيل دولت جي مني ل??نڊرنگ لاءِ هزارين آف شور ڪمپنين کي استعمال ڪيو ويو ان ۾ جن 700 ماڻهن جو تعلق پاڪستان ??ان ??هي، انهن کان ??رور ان لاقانونيت جي دولت جي ذريعن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته لُٽيل رقم واپس آندي وڃي پر ان ٽيڪس چور جي پناهگاهه جو ڇا ڪجي؟ هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين اولهه جي ڇانو هيٺ ٽيڪس پناهگاهن ۾ لُٽيل دولت لڪائڻ جي هڪ وڏي تاريخ آهي، هن چيو ت?? اها دولت ستايل يهودين ۽ منهنجي ملڪ سميت ٻين ملڪن مان لُٽي وئي، کربين ڊالر جي ان پيچيده اسڪيم جو انداز ۽ طريقيڪار بلڪل ايسٽ انڊيا ڪمپني جي لُٽ مار جهڙو آهي، صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي دولت ٻاهر وڃڻ کان ??وڪڻ لاءِ نظام بهتر ڪري رهيو آهي، فيٽف ان ۾ اسان ??ي مدد ڪئي، اسان ??ي دولت وصول ڪندڙ ملڪن ڊگهي عرصي تائين دنيا جي غريبن جي استحصال سان پاڻ کي امير ڪيو، هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڪندر ۽ سامونڊي ڌاڙيل جي وچ ۾ مقالمي جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ علامه اقبال جي ويجهو ننڍا وڏا ڦُورو هڪجهڙآ آهن، صدر اهو مقالمو به ٽوئيٽ ڪيو.