اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان مثالي پناهگاهن جو قيام جلد عمل ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پناهگاهن جو مقصد غريب طبقي جي عوام جي وقار کي مجروح ٿيڻ کان بچائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سا??س ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بيت المال جو ايم ڊي، سي ڊي اي جو چيئرمين ۽ لاڳاپيل آفيسر به موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي پناهگاهن جي صورتحال ۽ بهتري لاءِ جوڙيل جامع منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌاي?? ويو ته منصوبي تي ٽن مرحلن ۾ عملدرآمد ڪي?? ويندو، منصوبي موجب موجوده پناهگاهن ۾ سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري آندي ويندي، نجي عالمي معيار جي هوٽلن مان پناهگاهن جي عملي کي تربيت فراهم ڪئي ويندي، پاليسي تي عم??لرآمد لاءِ هڪ بورڊ ۽ انتظامي معاملن کي ڏسڻ لاءِ هر پناهگاهه ۾ 4 رڪني بورڊ جوڙي?? ويندو، سهولتن جي حوالي سان ڊجيٽل ڊيش بورڊ جوڙي?? ويندو جيڪو نگراني ۾ مدد ڪندو. ڊيش بورڊ کي موبائيل جي ذريعي باآساني هلائي سگهجي ٿو ۽ موجوده پناهگاهن ۾ مسئلن جي نشاندهي ڪري انهن کي حل ڪي?? ويندو. وزيراعظم کي ٻڌاي?? ويو ته پناهگاهن کي ان مقصد جي لاءِ تعمير ڪيل عم??رتن ۾ منتقل ڪرڻ به منصوبي جو حصو آهي، پناهگاهن سان گڏ احساس ون ونڊو سينٽر به کوليا ويندا، ون ونڊو سينٽر جي ذريعي پناهگاهن ۾ رهندڙ اهل ماڻهن کي احساس تحت ٻين پروگرامن مان سهولت وٺڻ ۾ آساني ٿيندي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته جن پناهگاهن تي ماڻهن جي رش آهي انهن تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته پناهگاهن سان جو سياس?? سان ڪو به تعلق نه آهي، ان جو تعلق الله ۽ ان جي مخلوق جي خدم?? سان آهي. پناهگاهن جو مقصد معاشي طور تي غريب طبقي جي ماڻهن جي وقار کي مجروح ٿيڻ کان بچائڻ آهي، پناهگاهن کان پهرين غريب ماڻهو روڊن تي سمهڻ تي مجبور هئا، وزيراعظم هدايت ڪئي ته منصوبي موجب مثالي پناهگاهن جو قيام جلد عمل ۾ آندو وڃي.