اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پا??ست??ن ۽ وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ رابطن جي لاءِ مستحڪم، پرامن ۽ خوشحال افغانستان لازمي آهي، پا??ست??ن افغانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهي ٿو جنهن ۾ افغانستان جي سمورن طبقن جي نمائندگي هجي. اها ڳالهه هن ازب??ست??ن جي سفير ايبڪ عارف عثمانوف سان ڳالهائيندي چئي جنهن اطلاعات واري وفاقي وزير سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فائديمند شعبن ۾ تعاون سان پوري خطي ۾ موقعن ۽ خوشحالي جون نيون راهون کلنديون. هن چيو ته ڪراچي ۽ تاشقند جي وچ ۾ ريل ٽريڪ جي تعمير ۽ پا??ست??ن مان وچ ايشيائي رياستن سان رابطي جو خواب رڳو افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پا??ست??ن پنهنجي ڀائر ملڪ سان خوشگوار ٻطرفن لاڳاپن مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي ۽ تاشقند سان سمورن علائقائي مسئلن خاص طور تي افغانستان ۾ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي تازي تاشقند جي دوري سان ٻطرفن لاڳاپن کي هڪ نئين سگهه ملي آهي، ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. هن چيو ته پا??ست??ن افعانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهي ٿو جنهن ۾ افغانستان جي سمورن طبقن جي نمائندگي هجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ازب??ست??ن هڪ اهم وچ ايشيائي ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گه??ن ثقافتي لاڳاپن سان عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ملندو. واضح رهي ته پا??ست??ن ۽ ازب??ست??ن مغل شهنشاهه ظهيرالدين بابر ۽ اردو جي مشهور شاعر اسد الله خان غالب جي زندگين تي فلم ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان ڏس ۾ تجويز وزيراعظم جي ازب??ست??ن جي دوري دوران غور هيٺ آئي. ملاقات دوران ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ان منصوبي جي شروعات جي لاءِ ماهرن جو هڪ گروپ جوڙيو ويندو. ان موقعي تي ازب??ست??ن جي سفير افغانستان ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ پا??ست??ن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ڪابل ۾ هڪ اهڙي حڪومت هجڻ گه??جي جنهن ۾ افغانستان جي سمورن گروپن جي نمائندگي هجي. هن ازب??ست??ن جي تاريخي جاين ثمرقند، بخاره ۽ صوفي ازم تي دستاويزي فلمون پي ٽي وي تي ٽيلي ڪاسٽ ڪرڻ جي تجويز کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هر قسم جي سياحت جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا.