اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مختلف قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي ۽ سياسي صورتحال ۽ پنهنجي پنهنجي تڪن جي عوامي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب ملاقات ڪندڙن ۾ خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر، قومي اسيمبلي ميمبرن عامر محمود ڪياني، نصرالله دريشڪ، راءِ محمد اقبا??، صوبائي وزير صمصام بخاري، حسنين بهادر دريشڪ، اڳ??ڻي صوبائي اسيمبلي ميمبر علي رضا دريشڪ ۽ راءِ زاهد شامل آهن.