اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان عراق سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ گڏيل امنگون رکندڙ آهن، پاڪستان ۽ عراق کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان جي دوري تي ??يل عراق جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان عراق جي خودمختياري، سياسي اتحاد ۽ علائقائي سلامتي ??ي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان عراق جي نئين سر تعمير ۾ هنرمند ۽ تربيت يافته ورڪ فورس سان گڏوگڏ ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جي فر??همي ۾ پڻ مدد ڪري سگهي ٿو. هن ان ڳالهه تي ??وشني وڌي ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ دفاع جي شعبي ۾ تعاون کي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن عراقي پرڏيهي وزير کي چيو ته هو پاڪستاني زائرين کي ويزا ڏيڻ ۽ عراق ۾ مقدس جاين جي دوري دوران سهولت فر??هم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. صدر عراقي پرڏيهي وزير کي اهو به ٻڌايو ته ڀارتي ??يرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن کي ڀارت پاران ب??ترين ڏاڍ ۽ دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن عالمي برادري تي ??ور ڏنو ته اها ڀارت تي ??ٻاءُ وجهي ته اها ڀارتي ??يرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪي ۽ ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏياري. ان موقعي تي ??راقي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين چيو ته عراق پاڪستان کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، ثقافت ۽ دفاع ۾ پاڪستان سان تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن صدر کي آگاهه ڪيو ته هن اسلام آباد ۾ عراقي سفارتخاني کي هدايت ڪئي آهي ته هو زائرين کي ويزا ۽ سفر ۾ سهولت فر??هم ڪري. هن عراقي سفارتڪارن کي تربيت ڏيڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا ۽ عراقي قيادت پاران پاڪستان جي عوام ۽ قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.