اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ ??شر??ات واري مملڪتي وزي?? فرخ حبيب چيو آ??ي ته عمران خان جي قيادت ۾ اقليتن کي سڀني حقن ۽ سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهيون، اقليتن کي شهري حيثيت ۾ زندگي جي هر شعبي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جا سڀئي موقعا حاصل هوندا، اقليتن جي حقن جي پاسداري دين اسلام جي تعليم ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. اقليتن جي ع??لمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزي?? فرخ حبيب چيو ته رواداري، گڏيل احترام ۽ هر طرح جي فرق کانسواءِ انساني حقن جو تحفظ اسلامي معاشري جي بنيادي گهرج آهي، اسان جي آئين ۾ به ان اسلامي اصول کي پوري طرح شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت اقليتن جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جمهوري روايتن جي فروغ لاءِ مذهبي هم آهنگي جي ڪوششن کي تيز ڪيو ويندو.