لاهور – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٿيلي??يم??ا جي باري ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٿيلي??يم??ا هڪ موورثي بيماري آهي، ڪزن ميرج جي ڪري ٻارن ۾ بيمارين جي شرح وڌيڪ آهي، اهڙا جوڙا شادي کان اڳ ٿيلي??يم??ا جو ٽيسٽ لازمي ڪرائين، سندس فائونڊيشن ٿيلي??يم??ا جي مرض جي خلاف اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن سندس فائونڊيشن جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ٿيلي??يم??ا جو شڪار ٻار سالن کان سندس فائونڊيسن کان بلڊ ٽرانسفيوزن ڪرائي رهيا آهن، ٿيلي??يم??ا هڪ موروثي مرض آهي، اسا?? وٽ شادي کان پهرين ٽيسٽ نه ڪرايا ويندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ اهڙيون بيماريون پکڙجنديون آهن، ڪزن ميرج جو رواج به عام آهي، اهڙين شادين جي ڪري پيدا ٿيندڙ ٻارن ۾ بيمارين جي شرح وڌيڪ آهي، اهڙا جوڙا شادي ڪرڻ کان اڳ پنهنجو ٿيلي??يم??ا جو ٽيسٽ لازمي ڪرائين، جيڪڏهن انهن ۾ ٿيلي??يم??ا جو ٽيسٽ پازيٽو آهي ته کين ڪزن ميرج کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار ان مرض جو شڪار ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته اسا?? وٽ ان باري ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، وفاقي وزير ان ڳالهه کي ساراهيو ته سندس فائونڊيشن هيومن ريسورس تي به ڌيان ڏنو آهي.