اسلام آباد – 05 جون (اي پ?? پي) نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز (نمز) ماحولياتي زوال جو سبب بڻجندڙ ڪنهن به شيءَ کي استعمال نه ڪرڻ جو عزم ڪندي ”زيرو ويسٽ ڪيمپس“ بڻجڻ جو اهم ق??م کنيو ??هي، ان سلسلي ۾ ويسٽ مينيجمينٽ بابت ”فائيو ??ر“ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي، اهو قدم ماحوليات جي عالمي ڏهاري سان هم آهنگ آهي جيڪو اڄ سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، آمريڪا، برطانيا ۽ آسٽريليا ۾ ڪيتريون ئي مشه??ر يونيورسٽيون پهرين ئي ”زيرو ويسٽ ڪيمپس“ بڻجي چڪيون آهن، ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي جي ڏس ۾ فائيو ??ر حڪمت عملي ”گهٽتائي، ٻيهر استعمال، ري سائيڪل، ڳرڻ، سڙڻ ۽ شعور بيداري“ جي باري ۾ آهي. فيڪلٽي آف سوشل سائنسز اينڊ هيومينيٽز جي ڊين پروفيسر اعظم چوڌري هتي جاري بيان ۾ چيو ??ه پاڪستان ”فائيو ??ر“ جي حوالي سان 2009ع ۾ ”ٿري آر“ (ريڊيوس، ري يوز اينڊ ري سائيڪل) ڪميونٽي پ??رين ئي ميمبر بڻجي چڪو آهي، جڏهن خطي ۾ وسيع تر تعاون جي لاءِ جاپان جي تجويز تي ايشيا ۾ ريجنل ٿري آر فورم جو قيام عمل ۾ آندو ويو هو تنهن هوندي به اسان کي اداره جاتي ۽ انفرادي ٻنهي سطح تي ماحولياتي زاوال جو سبب بڻجندڙ عملن جي روڪٿام لاءِ ق??م کڻندي معاشري جي حيثيت سان گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.