اسلام آباد – 05 ج??ن (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان عملي قدمن سان وزيراعظم عمران خان گلوبل ليڊر جي طور تي سامهون آيو آ??ي، هڪ ارب وڻ لڳائڻ جو چئلينج پورو ڪرڻ کانپوءِ هاڻي 10 ارب وڻ لڳائڻ جو چئلينج به پورو ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته هن سال عالمي ماحولياتي ڏينهن جي ميزباني به پاڪستان ڪري رهيو آ??ي، هن چيو ته گرين ڊپلوميسي د??يا سان لاڳاپن جا نوان رستا ٺاهي رهي آ??ي، پاڪستان ۾ ڪلين انرجي ۽ ڊيمز ٺاهڻ جي لاءِ پهرين 500 ملين ڊالرز گرين يورو بانڊ فنانسنگ به منظور ٿي چڪي آ??ي، ورلڊ اڪنامڪ فورم، بون چئلينج سميت عالمي ماحولياتي فورمز پاڪستان جي پذيرائي ڪري رهيا آهن.