اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي ملڪ ۾ لائيو اسٽاڪ شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان معاشي ترقي، غذائي تحفظ ۽ غربت ??ي خاتمي ۾ مدد ملي سگهي ٿي، لائيو اسٽاڪ شعبي ۾ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي، لاڳاپيل ادارا گوشت برآمد ڪندڙن کي سهولتون ڏين ۽ انهن جون مشڪلاتون حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. هو گوشت جي روانگي واپار ۽ پراسيسنگ بابت ??جلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.