اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه وزيراعظم عمران خان جي احتساب پاليسي واضح آهي، سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر آهن، چاهي ??پوزيشن اڳواڻ هجي يا ڪابينا جو ميمبر، الزام لڳندا ته جاچ ٿيندي ۽ جوابدهي ??و اصول لاڳو ٿيندو، اها ئي نظام جي تبديلي آهي ??نهن جو واعدو هو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ ئي ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن الزام لڳن ته جاچ ٿيندي آهي، نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي دور ۾ ميڊيا جا گلا ويهي ويندا هئا پر مجال آهي ??و جُون ??ه چري، اها ئي نظام ۾ تبديلي آهي ??ڪومتي اهلڪارن کي احتساب جو خوف ٿيڻ گهرجي، طاقتور ترين ماڻهن به قانون کان مٿانهان نه آهن.