اسلام آباد – 08 ا??ريل (اي پي پي) وفاقي زرعي ڪميٽي (ايف سي اي) جو اجلاس غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، ٿيندڙ اجلاس ۾ ربيع جي مند 21 -2020ع جي فصلن جو جائزو ۽ ربيع جي فصلن جا هدف مقرر ڪيا ويا. ربيع جي فصلن جي جائزي دوران ٻڌايو ويو ته هلندڙ مند 21 -2020ع دوران ڪڻڪ جي ??يد??وار جو ڪاٿو 26.04 ملين ٽن آهي جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 1.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، مجموعي طور تي 9.191 ملين، هيڪٽرز زمين تي ڪڻڪ پ??کي وئي، ايف سي اي کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مند 21 -2020ع دوران پٽاٽي جي ??يد??وار جو ڪاٿو 5742.7 هزار ٽن آهي جڏهن ته 226.1 هزار هيڪٽرز تي پٽاٽو پوکيو ويو آهي، هلندڙ مند دوران پٽاٽي جي ??يد??وار ۽ گذريل سال جي مقابلي ۾ 829.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، اجلاس ۾ ٻين ضروري جنسن چڻن، دالين، بصر، ٽماٽي جي ??يد??وار جو به جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ايندڙ مند خريف 22 -2021ع جي فصلن جا هدف مقرر ڪيا ويا، خريف دوران ڪپهه جي ??يد??وار جو هدف 10.5 ملين ڳٺڙيون مقرر ڪيو ويو جڏهن ته 2.33 ملين هيڪٽرز تي ڪپهه ??ي پوک ڪئي ويندي، چانور جي ??يد??وار جو هدف 3.07 ملين مقرر ڪيو ويو، اجلاس دوران ٻين فصلن مڪئي، مڱ، ماش، مرچن جا هدف به مقرر ڪيا ويا، ايندڙ مند 22 -2021ع دوران ڪمند جي ??يد??وار جو هدف 74.84 ملين ٽن مقرر ڪيو ويو جڏهن ته 1.18 ملين هيڪٽرز رقبي تي ڪمند پوکي ويندي، خريف جي مند 22 -2021ع دوران زرعي شين جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو.