اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪ??يت تعليم، صحت، واپار ۽ معيشت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ??ي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ڪ??يتي پرڏيهي وزير شيخ ڊاڪٽر احمد نصير المحمد ا??احمد ا??جابر الصباح جي ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ٿيو. ايوان صدر مان جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ڪ??يت تعليم، صحت، واپار ۽ معيشت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن گڏيل فائدي لاءِ ٻه طرفي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ ??ي اتفاق ڪيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ڪويت س??ن خوشگوار ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. پاڪستان ڀائر ملڪ ڪويت سان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته تعليم، صحت ۽ سائنس جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي، پاڪستان ڪويت کي هنرمند ا??رادي قوت ۽ ٻين پيشيوراڻي ماڻهو مهيا ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته پاڪستان ڪويت کي فوجي اهلڪارن کي پنهنجي فوجي تربي??ي ادارن ۾ تربيت فراهم ڪري سگهي ٿو.