ملتان -30 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته ڊينئل پرل ڪيس ۾ بري ٿيندڙ عمر شيخ کي آمريڪا حوالي ڪرڻ جون خبرون بي بنياد آهن. آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪين سان منهنجي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. مان نئين آمريڪي پرڏيهي وزير کي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته بلنڪين جا تجربا خطي جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. آمريڪي پرڏيهي وزير کي وزيراعظم عمران خان جي ??رجيحن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير کي هڪ عدالتي فيصلي تي تشويش هئي جنهن تي هن کي اعتماد ۾ ورتو ۽ هن عدالتي فيصلي تي نظرثاني جي ??واهش جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪي حڪومت ڊينئل پرل جي قاتلن کي سزا ڏيڻ چاهي ٿي ۽ اسان جي ??ه اه?? ئي خواهش آهي ته ڊينئل پرل جي ??اندان کي ا??صا?? ملڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ٻه طرفا لاڳاپا چاهي ٿو ۽ ما?? هن کي عمران خان جي ??رجيحن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ما?? هن کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ عدالتون آزاد آهن ۽ هتي آئين ۽ قانون مطابق فيصلا ٿي رهيا آهن ۽ پاڪستان تحريڪ ا??صا?? جي ??ڪومت ڪرپشن، مني لانڊرنگ خلاف ٺوس قدم کڻي رهي آهي.