جده – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 90 لک ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، پاڪستانين کي جلد نئين پاڪستان جي خوشخبري ڏيان ٿو، مافيا کان ملڪ کي آزاد ڪرائڻ جي جنگ ۾ اسان ڪامياب ٿينداسين، قان??ن جي بالادستي رکندڙ معاشرو ئي ترقي ڪندو آهي، سعودي عرب سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو، پاڪستان جي خوشحالي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جو تمام گه??و مثبت ڪردار ڏسي رهيو آهيان، پاڪستاني معيشت جي بهتري تي الله جا شڪرگزار آهيون. روش?? ڊيجيٽل اڪائونٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته شوڪت خانم ڪينسر اسپتال ۾ هر سال 9 ارب رپين جو خسارو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ??طي?? سان پورو ٿئي ٿو، ان مان 40 سيڪڙو حصو سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جو آهي.