اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر اسد قيصر چ??و آهي ته خصوصي ماڻهو ۽ معاشري جي محروم ماڻهن جي لاءِ خد??تون سرانجام ڏيندڙ شخصيتون ۽ ادارا حقيقي معنيٰ ۾ خراج تحسين جا مستحق آهن. پارليامينٽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ قانونسازي ۾ جهول ختم ڪري روايتي طر??قي??ار کان هٽي سوشل ويلفيئر جي لاءِ ڪم ڪندي. پارليامينٽ هائوس ۾ خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئون جڏهن قومي اسيمبلي ۾ آيس ته مون سوچيو ته پارليامينٽ کي انهن ماڻهن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي جيڪي محرومين جو شڪار آهن، مون سڀ کان اڳ ٽنڊوالهيار ۾ راشد آباد جو دورو ڪيو، اتي خصوصي ماڻهن جي لاءِ تعليم، صحت، رهائش ۽ ٻيون سهولتون ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل کان به وڌيڪ آهن.