اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ عوامي ميڙن ۽ رياست مخالف بيانيي ذريعي ملڪ ۾ غيريقيني واري صورتحال پيد?? ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي قيادت اي??ز صادق جي بيان جي مذمت يا مخالفت نه ڪئي پر مخالف ڌر جي قيادت ان جي موقف جي حمايت ڪري رهي آهي.