اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلوچستان ۾ ايف سي جي 8 ۽ 18 مئي تي شهيد ٿيندڙ آفيسر ۽ جوانن جي گهرڀاتين ??ي ٽيليفون ڪري ملڪ جي لاءِ جان ??ربان ڪرڻ تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر ميڊيا آفيس پاران جاري بيان ??وجب صدر چيو ته ڌرتي تي قربان ??يندڙ شهيدن تي فخر آ??ي، قوم انهن کي سلام پيش ڪري ٿي.